راز شاهاڻي

راز شاهاڻي

راز شاهاڻي

راز شاهاڻي: ليکڪ راز شاهاڻيءَ جو اصل نالو ربڏنو پٽ سائين بخش شاهاڻي آهي. هن تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ حمل خان شاهاڻيءَ ۾ 15 جولاءِ 1976ع تي جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول جوهيءَ مان ڪيائين. انٽر آرٽس ۽ بي. اي استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادوءَ مان ڪرڻ کانپوءِ ايم. اي (سنڌي) سچل سرمست آرٽس ڪاليج، حيدرآباد مان 2003ع ۾ ڪيائين. هن ادبي سفر جي شروعات شاعريءَ سان ڪئي. سندس شاعري ماهوار نئين نياپي، ٽماهي مهراڻ، ماهوار پورب، عبرت مئگزين وغيره ۾ ڇپجندي رهي. هي سنڌي ادبي سنگت جوهيءَ ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جو ميمبر رهيو. ڪجهه عرصو ريڊيو تي فيچر ۽ ڊراما لکيائين. 1998ع ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر ٿيو، پر ڪجهه وقت کانپوءِ اها نوڪري ڇڏي حيدرآباد ۾ صحافت ڪيائين. روزاني تعميرسنڌ، هفتيوار سنڌو ڊائجسٽ ۾ ڪجهه وقت ڪم ڪيائين. جولاءِ 2004ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ پبلڪ رليشن آفيسر ٿيو. آگسٽ 2006ع ۾ ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ ايڊهاڪ تي سنڌيءَ جو ليڪچرر ٿيو ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان کانپوءِ 2012ع ۾ پراونشل انسٽيٽيوٽ آف ٽيچرس ايجوڪيشن (PITE) نوابشاهه ۾ آفيسر ٿـيو ۽ اتي ايـڊيـٽـر طور ڪم ڪري ٿو. هـن جـي ترتيب ڏنل ڪـتـابـن ۾: (1) بلوچ ۽ عشق، (2) لطيفي معلومات ۽ سهڻا قول (2003ع) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.07.15  عيسوي

ليکڪ راز شاهاڻيءَ جو اصل نالو ربڏنو پٽ سائين بخش شاهاڻي آهي. هن تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ حمل خان شاهاڻيءَ ۾ 15 جولاءِ 1976ع تي جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اصغر سنڌي
لعل بخش چنو
آدم علي يوسف علي علوي
پير شهاب الدين لڪياري
پرڀارام سنت
سيد محمد شاهه امروٽي مولانا
سوامي گوالانند مهراج
خوش محمد خاطي مفتي
درس عليم فقير
دائود سهتو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون